فلپائين ۽ روس جي ٻن صحافين امن جو 2021 نوبيل امن انعام ماڻي ورتو!

امن جو 2021ع جو نوبيل انعام گڏيل طور تي فلپائين ۽ روس جي ٻن صحافين کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فلپائين جي صحافڻ ماريا ريسا ۽ روس جي دمتري موراتوف کي اظهار جي آزادي لاءِ ورتل ڪوششن جي نتيجي ۾ امن انعام سان نوازيو ويو.
امن جي نوبيل انعام لاءِ ٻن صحافين جي چونڊ ڪرڻ تي ڪيترائي مبصر حيران آهن،
جن کي توقع هئي ته هن ڀيري اهو انعام ماحولياتي تبديلي يا ڪووڊ 19 خلاف ڪم ڪندڙ سائنسدانن کي ڏنو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔