ايندڙ هفتي قوم کي خوشخبري ڏينداسين: رميز راجا

پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته اسڪول ڪرڪيٽ تي 4 بينڪس سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، هڪ سيڙپڪار چيو ته ڀارت کان ميچ کٽڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ بلينڪ چيڪ ڏيندس.
رميز راجا بين الصوبائي رابطن واري ڪميٽي کي بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 50 سيڪڙو آءِ سي سي فنڊنگ تي هلي ٿو، پاڪستان ۾ پچز ۽ ڪوچنگ ٺيڪ ناهي، 20 سيڪڙو ڊوميسٽڪ ڪوچز کي تبديل ڪرڻو آهي.
هن چيو ته ايندڙ چئن هفتن ۾ تبديلي نظر ايندي، نيوزيلينڊ دورو ري شيڊول ڪرڻ بابت سوچي رهي آهي، ايندڙ هفتي قوم کي خوشخبري ڏينداسين.
ٻئي پاسي هڪ بيان ۾ رميز راجا چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي دوران سڀني جي مدد ڪئي پر پاڪستان جي مدد لاءِ ڪوئي به نه آيو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ رميز راجا چيو آهي ته انٽرنيشنل سيڪيورٽي ايجنسي چيو ته دنيا جي مقابلي ۾ پاڪستان جي سڪيورٽي بهترين آهي، ايترو سنگين خطرو نه هو پر نيوزيلينڊ دورو منسوخ ڪيو، پاڪستان جي غلطي ناهي ته پوءِ ڇو اسان احساس ڪمتري ۾ پئون.
هن چيو ته نيوزيلنيڊ کانپوءِ انگلينڊ جي چيئرمين چيو ته رانديگر ڊڄي ويا، انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ چيو ته 4 ڏينهن ۾ اسٽيڊيم جي اندر هوٽل جي سهولت ڏئي دورو مڪمل ڪرائينداسين پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته 4 ماڻهن جي وڃڻ سان پي سي بي سال جو 13 ڪروڙو رپيا بچايا آهن، مان 13 ڪروڙ رپين ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ نئون فلڊ لائٽس جو اسٽرڪچر بيهاري سگهان ٿو.
هن چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ جا آفيسز بهترين بڻجي سگهن ٿا، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پيسوبچائيندو به ۽ لڳائيندو به، جيڪو ماڻهو پاڪستان ڪرڪيٽ کي اڳتي وٺي ويندو ان کي بورڊ ۾ آڻينداسين.
هن چيو ته هڪ ملين ڊالر جي هڪ ڊراپ ان پچ آهي ۽ ٻه ڪمپنيون لڳائڻ لاءِ تيار آهن، پي سي بي سوچيو آهي ته اسٽيڊيم جي نيمنگ رائٽس پرائيويٽ ڪمپنين کي ڏنا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔