ڪنوار جَي ”سُرخي“ سان پيار گهوٽ کي طلاق تي مجبور ڪري ڇڏيو

اومان: اردن ۾ شادي ڪندڙ جوڙي جي حوالي سان عجيب صورتحال ڏسڻ ۾ آئي آهي جتي گهوٽ نڪاح کانپوءِ فوري طور تي ڪنوار کي طلاق ڏئي ڇڏي. ڪنوار جو چوڻ هو ته ماسڪ پائڻ سان ان جي لپسٽڪ خراب ٿي ويندي، جنهن تي گهوٽ ماڻهن ۽ نڪاح ڪرائيندڙ جي اڳيان ڪنوار کي طلاق ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اردن پيش ٿيل پنهنجي نوعيت جي ان انوکي واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي.
ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته گهوٽ فوري طور تي فيصلو ڪيو ته جيئن اڳتي جي زندگي پُرسڪون گذري سگهي، ڪجهه ماڻهن وري ان فيصلي کي زيادتي جي ٻڌل قرار ڏنو، سوشل ميڊيا تي ان واقعي بابت گڏيل سڏيل موقف اچي رهيو آهي.
ان حوالي سان اخبار جو چوڻ هو ته نڪاح جي تقريب دوران گهوٽ ڪنوار ۽ ٻيا ماڻهو رجسٽرار جي آفيس ۾ شريڪ ٿيا ته آفيس جي اهلڪار ڪنوار کي چيو ته ڪورونا جي حوالي سان احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي ماسڪ پائي وٺو.
رجسٽرار آفيس جي اهلڪار طرفان ڪنوار کي ڪيترائي ڀيرا ماسڪ پائڻ جو چوڻ باوجود عورت ان جي ڳالهه نه مڃي، گهوٽ ۽ انجي گهروارن به ڪنوار کي ماسڪ پائڻ جو چيو پر ڪنوار جو هڪ ئي جواب هو ته ماسڪ پائڻ سان لپ اسٽڪ خراب ٿي ويندي جيڪا وڏي محنت سان لڳائي آهي.
ڪنوار جي اهڙي ڳالهه ٻڌي گهوٽ کي ڪاوڙ ورتو ۽ هن بيٺي بيٺي اهو چوندي ڪنوار کي طلاق ڏئي ڇڏي ته جيڪا عورت پهرين ڏينهن ئي پنهنجي مڙس جو چوڻ نٿي ڪري ته اڳتي ان مان ڀلائي جي اميد نٿي رکي سگهجي.
طلاق جا لفظ ٻڌندي ئي اتي موجود ڪنوار جي گهرڀاتين ۽ ٻين ماڻهن معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ته پر گهوٽ پنهنجو فيصلو برقرار رکيو ۽ پنهنجي گهر وارن سان گڏ نڪاح رجسٽرار جي آفيس مان نڪري ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔