آئين، قانون ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نيب آرڊيننس آندو آهي:فرخ حبيب

اسلام آباد: مملڪتي وزير فرخ حبيب پاران نواز ليگ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏنو ويو آھي، مملڪتي وزير فرخ حبيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ آئين، قانون ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نيب آرڊيننس آندو آهي، اپوزيشن کي لڳي ٿو حڪومت غير قانوني ڪم ڪيو آهي ته آرڊيننس کي چيلينج ڪري. مملڪتي وزير فرخ حبيب طرفان نون ليگ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏنو ويو، فرخ حبيب چيو ته اپوزيشن چئي ٿي ته چور کان پڇيو ته سندس جاچ آفيسر ڪهڙو هوندو؟، شهباز شريف تي 7 ارب جي ٽي ٽي جو ڪيس آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته نيب آرڊيننس اين آر او ناهي، ترميم ضروري هئي، ڪرپشن ڪيس دير جو شڪار ٿيڻ سبب قوم پريشان آهي، اداري کي خودمختيار بڻائڻ اولين ترجيح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔