پاڪستان پرامن ، مستحڪم ۽ آزاد افغانستان چاهي ٿو: قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد: قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) چيو آهي ته پاڪستان پرامن ، مستحڪم ۽ آزاد افغانستان چاهي ٿو.قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو ، جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ به شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود ، گهرو وزير شيخ رشيد ، بچاءَ وارو وزير پرويز خٽڪ ، اطلاعات وارو وزير فواد چوڌري ، ناڻي وارو وزير شوڪت ترين ۽ قومي سلامتي بابت خصوصي معاون معيد يوسف پڻ شريڪ ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم افغانستان جي صورتحال تي مربوط پاليسي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ هڪ خاص سيل قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن افغانستان ۾ حڪومت جي مختلف ڪوششن کي همٿائي سگهجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته خاص سيل افغانستان لاءِ انساني امداد جي بين الاقوامي لاڳاپن ، اثرائتي سرحدي انتظام ۽ ڪنهن به منفي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو.قومي سلامتي ڪميٽي ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته پاڪستان هڪ پرامن ، مستحڪم ۽ آزاد افغانستان چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔