افغانستان ۾ مسجد اندر بم ڌماڪو، 50 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغانستان جي شهر قندوز ۾ هڪ مسجد اندر بم ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 ماڻهو مارجي ويا ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن. فرانسيسي نيوز ايجنسي موجب ڌماڪو قندوز جي سعيد آباد واري علائقي ۾ هڪ مسجد ۾ ٿيو ۽ ڌماڪي جي وقت ماڻهن جو وڏو انگ مسجد ۾ موجود هو.مقامي ميڊيا موجب ڌماڪو آپگهاتي هو. افغانستان ۾ طالبان جي عبوري حڪومت جي اطلاعات ۽ ثقافت کاتي جي سربراهه مطيع الله روحاني ڌماڪي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن. هن اها به تصديق ڪئي ته ڌماڪو خودڪش هو.طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پڻ ڌماڪي جي تصديق ڪئي ، پر اهو چوڻ کان انڪار ڪيو ته ڪيترا مارجي ويا. اي ايف پي اسپتال ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته گهٽ ۾ گهٽ 50 ماڻهو مارجي ويا، قندوز سينٽرل اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هن وٽ 35 لاش ۽ 50 زخمي آندا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔