ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ ليليٰ پروين پاران اڳوڻي مڙس تي ڌيءُ کي هراسان۽ ڳجهه ڳوهه ۾ شاديون ڪرڻ جا الزام

ڪراچي : ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ليليٰ پروين پاران اڳوڻي مڙس تي ڌيءُ کي هراسان ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ شاديون ڪرڻ جا الزام هنيا ويا آهن، سائوٿ وومين پوليس توحيد ڪمرشل ۾ ڪارروائي ڪري ليليٰ پروين جي اڳوڻي مڙس علي حسنين سرگرانه کي گرفتار ڪري ورتو،

پي ٽي آءِ اڳواڻ ليليٰ پروين جو چوڻ آهي ته اڳوڻو مڙس ڌيءُ کي هٿيارن جي زور تي جنسي طور هراسان ڪندو هو، علي حسنين عورتن سوڌو معصوم ٻارڙين کي به جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو هو، علي حسنين ڳجهه ڳوهه ۾ 9 شاديون ڪيون، شادي کانپوءِ هو عورتن کان ڦرلٽ ڪندو هو،

علي حسنين خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس به داخل هجڻ جي دعويٰ، پوليس ليليٰ پروين جي الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔