وينا ملڪ طالبان جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي : پاڪستان جي نالي واري اداڪاره ۽ ميزبان وينا ملڪ افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي حمايت ڪري ڇڏي.
تازو ئي اداڪاره جرمن نشرياتي اداري جي اردو سروس کي انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن عورتن جي لباس ۽ طالبان جي افغانستان ۾ حڪومت بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
اداڪاره وينا ملڪ چيو ته طالبانن افغانستان ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي آهي، افغانستان طالبانن سان سلهاڙيل آهي اها هنن جي زمين آهي جنهن جي لاءِ هنن ڊگهي جنگ وڙهي.
ميزبان وينا ملڪ کان سوال ڪيو ته انسٽاگرام تي توهان برقعو پائي تصوير رکي آهي ڪٿي توهان جو افغانستان وڃڻ جو ته ارادو ناهي؟ جنهن تي اداڪاره مسڪرائيندي جواب ڏنو ته آئون ڪنڌار وڃڻ پسند ڪريان ٿي ڇو ته ان جڳهه سان مونکي محبت آهي.
برقعي جي بابت ان چيو ته آئون 13 سالن کان وٺي برقعو پائيندي آهيان برقعي کانسواءِ ٻاهر ناهيان نڪرندي. برقعو مونکي ڪو زبردستي ناهي پارايو ويو اها منهنجي ذاتي نشاني آهي. برقعي ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهان ٿي
افغناستان ۾ طالبان جي طرفان ڊريس ڪوڊ واضح ڪرڻ جي بابت اداڪاره چيو ته منهنجي خيال ۾ اتان جا ماڻهو خوشيون حاصل ڪندا ڇو ته انهن کي پنهنجي روين بابت بهتر ڄاڻ آهي.
اسان جو پاڪستان خود مختيار ملڪ آهي، جتي ماڻهو هر قسم جا ڪپڙا پهرن ٿا. شوبز ۾ اسان جي ڊريس ڪوڊ هجڻ گهرجي. حڪومت کي ڪوڊ ڊريس ڏيڻ گهرجي ته جيئن حد ۾ رهون.
اسان کي افغانستان جي حڪومت جي باري ۾ گهڻو نه سوچڻ گهجرجي، مونکي ان انڊسٽريز جي لاءِ همدردي آهي جتي ڪنهن به قسم جي ڪا به رنڊڪ نه هجي، اداڪار پنهنجي مرضي سان سڀ ڪجهه ڪرڻ جا اهل هوندا آهن.
واضح رهي ته ادڪاره وينا ملڪ تقريبن 12 سالن جي ڊگهي عرصي بعد سياسي طنز ۽ مزاحيه شو ۾ نظر ايندي.
وينا ملڪ جو نئو شو ڊجيٽل پليٽ فارم اردو فلڪس تي نشر ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔