ويرات ڪوهلي پاران ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان

نئين دهلي : ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان پوءِ ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ويرات ڪوهلي چيو ته هو رانديگر طور ٽي ٽوئنٽي ۾ سليڪشن لاءِ دستياب هوندو.
هن چيو ته آئون گھڻو خوش قسمت رهيس جو مون کي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم طرفان کيڏڻ ۽ ڪپتاني ڪرڻ جو موقعو مليو.
سندس چوڻ هو ته آئون ٿورا مڃان ٿو انهن ماڻهن جا جن ان سفر ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. آئون پنهنجي ڪيريئر ۾ جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو اهو منهنجي ساٿين، اسپورٽ اسٽاف، سليڪشن ڪميٽي، ڪوچز ۽ سڀني ڀارتي واسين جي دعاعن کان سواءِ ممڪن نه هو.
ويرات ڪوهلي چيو ته ڪوچ روي شاستري، ساٿي رانديگر روهت شرما ۽ بورڊ جي صدر سارو گنگولي سان مشاورت کان پوءِ آئون فيصلو ڪيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان پوءِ آئون ڪپتاني ڇڏي ڏيندس.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي کان پوءِ روهت شرما ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو امڪاني ڪپتان هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔