پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ اڄ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ اڄ راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو.
پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو پريڪٽس سيشن ٿيو، جڏهن ته مهمان ٽيم به ٽريننگ ۾ مصروف آهي.
قومي ٽيم جو فاسٽ بالر حسن علي جو چوڻ آهي ته نيوزي لينڊ جي ٽيم ۾ ايتري صلاحيت آهي جو هو اسان کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿي.
حسن علي جو چوڻ آهي ته هاڻي کان ئي تياري شروع ڪنداسين ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به ٻين ٽيمن سان مقابلو ڪري سگهندانسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔