حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو.
گذريل ڏينهن آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪليندي پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر هڪ رپيو واڌ جي تجويز ڏني هئي.
ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا هڪ پئسو في ليٽر واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ 5 رپيا 42 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل آئل 5 رپيا 92 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔