ڪنٽونمينٽ بورڊ راولپنڊي ۾ تحريڪ انصاف جي شڪست جا ذميواراسيمبلي ميمبر قرار، استعيفيٰ طلب

راولپنڊي: ڪنٽونمينٽ بورڊ راولپنڊي ۾ تحريڪ انصاف جي شڪست جو ذميوار اسيمبلي ميمبرن کي قرار ڏنو ويو آهي.

ڪنٽونمينٽ بورڊ راولپنڊي، چڪلالا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي شڪست تي ضلعي راولپنڊي جي تنظيم سخت رد عمل جو اظهار ڪندي ضلعي تنظيم کي پارٽي ٽڪيٽ جي فيصلن ۾ نظر انداز ڪرڻ تي اعليٰ عهديدارن ۽ قومي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي شڪست جو ذميوار قرار ڏئي انهن کان استعيفيٰ طلب ڪرڻ جومطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ضلعي تنظيم پاران منظور ڪيل قرارداد ۾ پنهنجن خدشن جو ازالو نه ٿيڻ تائين شڪست جي ذميوارن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ جي قرارداد به منظور ڪري ورتي آهي.

تحريڪ انصاف ضلعي راولپنڊي جو ڪنوينشن به ايندڙ پندرنهن  ڏينهن ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ضلعي صدر، اڳوڻي ايم پي اي شهريار رياض جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس جنهن جا فيصلا ۽ منظور ڪيل قرارداد تي ضلعي تنظيم جي سمورن عهديدارن ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن پاران صحيحون ڪيون ويون آهن. ان جي ڪاپي چيئرمين تحريڪ انصاف، وزيراعظم عمران خان ۽ چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي ڏانهن اماڻي وئي آهي.

منظور ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جي فيصلن، چونڊ مهم ۽ وفاقي وزيرن کي گهرائڻ کان جلسي تائين ضلعي تنظيم تحريڪ انصاف کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڪنٽونمينٽ چونڊن جي نتيجن  جي ذميواري ۽ آئنده جي لائحه عمل جي لاءِ ضلعي ڪنوينشن ايندڙ پندرنهن ڏينهن ۾ منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ ضلعي تنظيم جي گورننگ باڊي ۽ چونڊيل اسيمبلي ميمبر جي اختيارن کي به ڏٺو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔