اليڪشن ڪميشن آدم شماري جي انگ اکرن بابت سي سي آءِ جَي فيصلي تائين تڪبنديون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن چيو آھي تھ سنڌ سرڪار جي قدم مان لڳي ٿو ته ايندڙ 18 مهينن تائين بلدياتي چونڊون نٿا ڪرائڻ گُهرن، اليڪشن ڪميشن آدم شماري جي انگ اکرن بابت سي سي آءِ جَي فيصلي تائين تڪبنديون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ اندر بلدياتي چونڊن بابت ٻڌڻي دوران ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ ايڊيشنل اَي جي سنڌ پيش ٿيا.

ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ملڪ جو چوڻ آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 موجب بلدياتي چونڊون 120 ڏينهن ۾ ڪرائڻ لازمي آهن، آئين موجب بلدياتي چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، سنڌ سرڪار آدم شماري جا حتمي نتيجا اچڻ تائين بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن جي هدايتن باوجود سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊن لاءِ جوڳا قدم نه کنيا، اليڪشن ڪميشن کي سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔