طالبان افغانستان جي آخري صوبي پنجشير تي ڪنٽرول جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪابل: طالبان افغانستان جي آخري صوبي پنجشير تي ڪنٽرول جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد جو چوڻ آهي ته مزاحمتي فورس جا ڪيترائي ڪمانڊرز ۽ ويڙهاڪ مارجي ويا، ڪيترائي ويڙهاڪ فرار، پنجشير واسي اسان جا ڀائر آهن، سندن خلاف ڪابه انتقامي ڪارروائي نه ڪئي ويندي.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد جو وڌيڪ چوڻ آھي تھ سڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪنداسين، افعان ميڊيا موجب پنجشير ۾ گذريل ڏينهن ويڙهه دوران مزاحمت فورس جي ترجمان سوڌو 5 اهم ڪمانڊرز مارجي ويا هئا.

پنجشير جي مزاحمتي فورس طرفان طالبان جي ڪنٽرول واري دعويٰ ڪوڙي قرار ڏني وئي آھي.

افغان طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ دشمن جو آخري ڳڙهه پنج شير صوبو فتح ڪري ورتو آھي، پنج شير ۾ عوام خلاف ڪا به انتقامي ڪارروائي نه ٿيندي، الله جي مدد ۽ عوام جي حمايت سان پنج شير فتح ڪيو.

ذبيح الله مجاهد چيو تھ امارات اسلاميه افغانستان ۾ جنگ جو دور ختم ٿي ويو، پنج شير تي امارات اسلاميه جو مڪمل ڪنٽرول آهي، اسان جو عوام هاڻي وڌيڪ ويڙهه نٿو چاهي.

ذبيح الله مجاهد پرس ڪانفرنس دوران وڌيڪ چيو تھ پنج شير ۾ اڄ کان انٽرنيٽ ۽ بجلي بحال ٿي ويندي، قطر ۽ ترڪي جي مدد سان ڪابل ايئرپورٽ بحال ڪيو، جيلن مان فرار دهشتگرد پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري سگهن ٿا.

ھن چيو تھ چين کان مطالبو آهي ته طالبان حڪومت تسليم ڪري، افغان مهاجرن جي معاملي تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن: طالبان ترجمان، ضروري شين ۽ بيمار ماڻهن لاءِ پاڪستان دروازا کولي، امريڪا ڪابل ايئرپورٽ کي نقصان پهچايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔