”منهنجو مٿو ڦاٽي پيو“، فضا علي شوٽنگ دوران زخمي

ناليواري پاڪستاني اداڪارا فضا علي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پئي آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ فضا علي کي ٻين سان گڏ هڪ خوبصورت پٿريلي جاءِ تي شوٽنگ ۾ مصروف ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شوٽنگ دورن فضا اوچتو ڪري پوي ٿي جنهن کانپوءِ اتي موجود عملو ڊڪندي اداڪارا وٽ پهچي وڃي ٿو، ڪير کيس پاڻي پيئاري ٿو ڪير کيس سهارو ڏئي اٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
وڊيو ۾ اداڪارا فضا علي کي لڳاتار اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته منهنجو مٿو ڦاٽي پيو، منهنجو مٿو ڦاٽي پيو، نه رڳو ايترو پر جڏهن سندس ساٿي عورت کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها نه اٿي سگهي ۽ ٻيهر زمين تي پئي رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔