پاڪستان جو بچاءُ جو ڏھاڙو: پاڪ فوج جي شھيدن ۽ غازين کي قوم جو سلام، ڀيٽا پيش

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو بچاءُ ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، فوج جي شهيد ۽ غازين کي قوم جو سلام ۽ ڀيٽا پيش، اسلام آباد ۾ 31 توپن جِي سلامي سان ڏهاڙَي جِي شروعات ٿي، صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21-21 توپن جِي سلامي، فجر جِي نماز بعد ملڪ جِي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گھريون، يومِ دفاع جِي مک تقريب شام 5 وڳي جِي ايڇ ڪُيو راولپنڊي ۾ ٿيندي، مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي، صدر عارف علوي جو چوڻ آهي ته بچاءُ ڏهاڙو جرئت، بهادري، حب الوطني ۽ فرض سان لڳاءُ جي علامت آهي، پاڪستاني فوج جرئت سان دشمن جي عزم کي خاڪ ۾ ملايو هو، پاڪستان جي بري، بحري ۽ هوائي فوج دشمن کي هر محاز تي شڪست ڏني، فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪي سلامتي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔