نيراني چانهه پيئڻ جي عادت، فائدا يا نقصان؟

پاڪستان ۾ چانهه جي گهڻي استعمال کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ۽ اها گرم پيئڻ واري شيءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾پسند ڪئي ويندي آهي.
مختلف تحقيقي رپورٽن موجب چانهه پيئڻ جا ڪيترائي فائدا آهن جيئن وقت کان اڳ دماغي ڪمزوري کان حفاظت، مخصوص قسمن جي ڪينسر، فالج، دل جي بيمارين ۽ ذيابطيس جي خطرن ۾ گهٽتائي وغيره شامل آهن.
ڪاري چانهه، سائي چانهه سميت چانهه کي ڪيترن ئي قسمن ۾ تيار ڪري پيتو ويندو آهي.
کنڊ کان بنا چانهه اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هوندي آهي جيڪو مختلف مرضن جي روڪٿام ۽ جسماني خليات جي مرمت ۾ مدد ڏيندا آهن.
کير کان بنا چانهه پيئڻ جي عادت سان چمڙي جي ڪينسر جي خطرن ۾ واضح گهٽتائي ايندي آهي.
پر اسان اڄ هتي توهان کي پنهنجي هن اسٽوري ۾ نيراني چانهه پيئڻ سان صحت تي پوندڙ اثرن جي باري ۾ ٻڌائينداسين.
نيراني چانهه پيئڻ صحت جي لاءِ وڏو خطرناڪ آهي ڇو ته ان سان تيزابيت سميت لاتعداد مسئلا جنم وٺندا آهن.
نيراني چانهه پيئڻ مطلب ته پيٽ جي ڪيترن ئي بيمارين کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي، ڀلي اها سائي چانهه هجي يا کڻي ڪهڙي به قسم جي چانهه هجي نيراني پيئڻ سان پيٽ جون بيماريون ٿينديون آهن.
نيراني چانهه پيئڻ ڀلي اها سائي چانهه (گرين ٽي) ئي ڇو نه هجي اها صحت لاءِ خطرناڪ آهي، ناشتي ۾ پهريون چانهه پيئڻ سان معدي جي تيزابيت وڌندي آهي جيڪا سيني ۾ ساڙو بدهضمي ۽ اوڳرايون اچڻ جو سبب بڻبي آهي.
جن ماڻهن کي صبح سوير چانهه پيئڻ جي عادت آهي انهن کي گهرجي ته اڳ ۾ ڪا عذا کائي وٺن ۽ پوءِ چانهه پيئن.
چانهه کي خالي پيٽ پيئڻ سان جسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي، اٺ ڪلاڪن جي ننڊ کانپوءِ اسان جي جسم کي پاڻي جي ضرورت هوندي آهي ڇو ته ان دوران جسم کي پاڻي فراهم ناهي ٿي سگهندو، تنهنڪري پنهنجي ڏينهن جي شروعات پاڻي پيئڻ سان ئي ڪرڻ جي عادت بڻايو.
نيراني چانهه پيئڻ سان وات ۾ موجود بيڪٽيريا جو تعداد وڌي ويندو آهي جيڪو ڏندن جي خرابي جو به سبب بڻبو آهي، انڪري چانهه کي ناشتي کانپوءِ پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ بهتر فيصلو هوندو.
چانهه ۾ موجود ڪيفين کي نيراني پنهنجي خوراڪ جو حصو بڻايو وڃي ته ان جا نقصانڪار اثر واضح ٿيڻ لڳندا آهن جن ۾ الٽي اچڻ، چڪر اچڻ ۽ مٿو وزني رهڻ شامل آهن.
چانهه جي شوقين ماڻهن کي گهڻي قدر پيٽ وڌڻ جي به شڪايت رهندي آهي جنهن جو وڏو سبب نيراني چانهه پيئڻ آهي.
چانهه ۾ موجود کير بدهضمي ڪندو آهي جنهن جي ڪري پيٽ جو وڌڻ، قبضي ۽ بدهضمي جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن.
چانهه کي سڀ جو سوير پيئڻ کان جيترو پاسو ڪيو وڃي اوترو فائديمند آهي.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته چانهه جي جاءِ تي پنهنجي ڏينهن جي شروعات هلڪي گرم پاڻي ۽ ناريل جي پاڻي سان ڪرڻ صحت لاءِ تمام وڏو فائديمند آهي.
چانهه جو گهڻي مقدار ۾ ۽ گهرج کان وڌيڪ پيئڻ پيٽ لاءِ گهڻو نقصانڪار هوندو آهي، چانهه ضرورت موجب ۽ حد اندرپيئڻ گهرجي گهڻي مقدار ۾ چانهه پيئڻ سان معدو سُڪڻ يا خشڪ ٿيڻ لڳندو آهي جنهن سان بُک گهٽ لڳڻ جا سبب پيدا ٿيندا آهن ۽ گهٽ بک لڳڻ سان ماني گهٽ کائڻ جي ضرورت پوندي آهي جيڪو صحت جي لاءِ وڏو نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي.
ڪمزور ماڻهن لاءِ گرم چانهه پيئڻ سان انهن جي رت تي به اثر پوندو آهي.
چانهه جا شوقين ڪمزور ماڻهو ڏينهن ۾ ٻن گلاسن کان وڌيڪ مقدار چانهه پي ويندا آهن جيڪو انهن جي صحت لاءِ وڏو نقصانڪار آهي انڪري ڪمزور ماڻهن کي گهرجي ته چانهه جي جاءِ تي روزانو ٻه گلاس کير پيئن ته انهن جي صحت سٺي رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔