ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: اسان جي اعتماد جي سطح اوچي آهي: بابر اعظم

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ٽيم جي ڪاميابين کي ڏسندي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي جي حوالي سان پرعزم آهي.
هڪ انٽرويو ۾ بابر اعظم چيو ته ورلڊ ڪپ لاءِ اسان بهتر کان بهتر تياري ڪنداسين، ميگا ايونٽ خلاف نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ سان ميچون کيڏڻيون آهن، جنهن جو فائدو ٿيندو، انگن اکرن موجب اسان 31 مان 21 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ اهي ان ڳالهه جو اشارو آهي ته اسان جي اعتماد جي سطح اوچي آهي.
هن چيو ته اسان گڏيل عرب امارتن جي حالتن کان واقف آهيون، ڇو ته اتي گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي ۽ اها جاءِ خوش قسمت به رهي آهي، ڇو ته اتي ئي پاڪستان ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي آيو.
سندس چوڻ هو ته ٽاپ آرڊر جون رنسون ٽيم لاءِ وڏيون اهم هونديون آهن ۽ مان ڪپتان طور چاهيندو آهيان ته اوپنرن مان هڪ کي جارحاڻي شروعات سان گڏوگڏ ڊگهي بيٽنگ ڪرڻ گهرجي ۽ تسلسل ختم نه ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.
بابر اعظم چيو ته اسان کي فيلڊنگ بهتر بڻائڻي پوندي، ٻي صورت ۾ ڪاميابي جي اميد نٿي رکي سگهجي، ڇو ته سٺيون ٽيمون فيلڊنگ مان فائدو کڻنديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔