طالبان جو ڪابل ۾ فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان

ڪابل : طالبان ڪابل ۽ ٻين شهرن ۾ هوائي فائرنگ بابت واضح هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪابل ۽ ٻين صوبن جي سڀني عهديدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هوائي فائرنگ ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪيو ۽ انهن کان هٿيار کسيو.
هن چيو عهديدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته فائرنگ ڪندڙن کي شهرن مان به ٻاهر ڪڍو، انهن ته انهن جي سڃاڻپ ۽ سزا لاءِ پوليس سربراهن ۽ انٽيليجس اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته پنجشير وادي تي طالبان جي قبضي کانپوءِ ڪابل ۽ ٻين شهرن ۾ خوشي ۾ ٿيندڙ فائرنگ ۾ ماڻهو مارجڻ جا اطلاع سامهون آيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔