دنيا جون اڻلڀ گاڏيون وڪري لاءِ پيش

دنيا ۾ هر شيءِ پنهنجو وقت گذارڻ کانپوءِ اڻلڀ ٿي ويندي آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو آهي ته ڪيتريون ئي شيون ايتري ته اهميت اختيار ڪري وينديون آهن جو انهن کي حاصل ڪرڻ سولو ناهي هوندو.
اهڙي ئي حوالي سان گاڏين جي مختلف ماڊلز کي مختلف وقتن ۾ پسند ڪيو ويندو آهي جيڪي ماڻهن انهن جو استعمال ڪڏهن به ناهن وساري سگهندا.
اڻلڀ گاڏين سان پيار ڪندڙ هڪ واپاري انوکي چونڊ ڪري پنهنجو گودام پراڻي گاڏين سان ڀري ڇڏيو.
اتر لنڊن جي هڪ گودام ۾ بيٺل 174 اڻلڀ گاڏين جي انوکي چونڊ وڪري لاءِپيش ڪئي وئي آهي.
چونڊ ۾ 1940 واري ڏهاڪي ۾ ٺهيل گاڏيون به شامل آهن، ظاهري طور ڌوڙ ۽ مٽي ۾ ڀريل اهي گاڏيون پراڻين گاڏين جي مداحن لاءِ وڏي ڪشش رکن ٿيون.
انهن گاڏين جي گڏيل ماليت جو اندازو 10 لک پائونڊ مطلب ته 23 ڪروڙ 18 لک پاڪستاني رپيا لڳايو ويو آهي.
گاڏين جو اهو مجموعو برطانيا جي هڪ مقامي بزنس مين جي ملڪيت آهي جنهن جي سڃاڻپ اڻڄاڻ رکي وئي آهي. تنهن هوندي به ان جي هڪ دوست 35 سالن جي برطانوي شهري فريڊي فيسن انهن گاڏين کي وڪري لاءِ پيش ڪيو آهي.
برطانوي شهري 1940ع جي ڏهاڪي ۾ ٺهيل انوکي گاڏين جو وڪرو شروع ڪري ڇڏيو آهي، اتر لنڊن جي پارڪ ۾ وقت سان گڏ وڌندڙ ان متاثر ڪندڙ مجموعي ۾ 25 هزار پائونڊ کان وٺي 100 پائونڊ تائين جون گاڏيون شامل آهن.
گاڏين جي ان مجموعي ۾ سڀ کان پراڻي گاڏي 1952 جي ”ايم جي واءِ بي“ آهي، گاڏين جو وڪرو فريڊي فيسن پنهنجي هڪ دوست لاءِ ڪرايو.
فريڊي گاڏين جي وڪري جو سبب مقامي ڪونسل جي مداخلت ٻڌايو آهي.
مقامي ڪونسل گاڏين جي گودام کي فوري طور خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن جي ڪري اهي گاڏيون وڪرو ڪيون پيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔