پاڪستان ايف اي ٽي ايف جو اهم هدف حاصل ڪري ورتو

اسلام آباد: پاڪستان پابندي مڙهيل تنظيمن جي مڪمل تفصيلن بابت جديد ترين ايپ تيار ڪري ورتي. پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اهم ترين هدف حاصل ڪندي جديد ترين ايپ تيار ڪري ورتي، ايپ ۾ ڪالعدم تنظيمن جو مڪمل ڊيٽا موجود آهي ۽ ڪالعدم تنظيمن جي عهديدارن جا مڪمل تفصيل شامل آهن. ان حوالي سان ريئل اسٽيٽ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن جي صدر احسن ملڪ ٻڌايو ته ايپ ريئل اسٽيٽ ايجنٽس لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، ايپ ذريعي پابندي مڙهيل تنظيمون پاڪستان ۾ ملڪيتون خريد نٿيون ڪري سگھن. هن چيو ته ايپ ۾ 4500 ڄڻن جا مڪمل تفصيل موجود آهن، رجسٽرڊ رٽيلرز خريداري کان اڳ ايپ کان مدد وٺن، ايپ زريعي هڪ بٽڻ سان ايس ٽي آڙ جاري ٿيندو. سندس چوڻ هو ته ايپ فوري طور تي شڪي ٽرانزيڪشن جي خلاف متحرڪ ٿي ويندي، ايف بي آر سان گڏجي ايف اي ٽي ايف جي هدفن تي عمل درآمد ڪري رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔