پنجشير جي فتح تي طالبان جي ڪابل ۾ هوائي فائرنگ، 17ڄڻا مارجي ويا، 41زخمي

ڪابل: طالبان جي پنجشير ۾ سخت جهيڙي کان پوءِ فتحيابي جي دعويٰ تي ڪابل ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 41 زخمي ٿي پيا آهن. عالمي خبرون اداري موجب طالبان طرفان پنجشير ۾ فتح جي دعويٰ کان پوءِ ڪابل هوائي فائرنگ سان گونججي ويو. پنجشير فتح ڪرڻ واري خبر جي تصديق نه ٿيڻ باوجود طالبان لاڳيتو هوائي فائرنگ ڪري جشن ملهائيندا رهيا. مختف اسپتالن ۾ هوائي فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب 17 ڄڻن جا لاش آندا ويا جڏهن ته 41 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو آهي. زخمين مان 9 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوائي فائرنگ سبب ايتري وڏي پيماني تي جاني نقصان تي طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي ٽوئٽ ۾ طالبان ويڙهاڪن کي هدايت ڪئي آهي ته رب پاڪ جو شڪر ادا ڪريو. هوائي فائرنگ کان پاسو ڪريو، جيڪي هٿيار اوهان جي هٿ ۾ آهن ان کي ضايع ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي. طالبان جي مقامي اڳواڻن طرفان پنجشير کي فتح ڪرڻ جي دعويٰ جي 20 ڪلاڪن کان پوءِ به آزاد ذريعن يا طالبان جي ترجمانن طرفان حتمي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔