ڪينٽونمينٽ بورڊ چونڊون: تحريڪ انصاف جي درخواست رد

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ 12 سيپٽمبر کان ڪينٽومينٽ بورڊ جون چونڊون ٿي رهيون آهن. تحريڪ انصاف طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪينٽ بورڊ چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. پي ٽي آءِ جي ان درخواست تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي فوج مقرر ڪرڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته ڪينٽ بورڊ چونڊن لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ڪينٽ بورڊ اليڪشنز جي سيڪيورٽي لاءِ بهترين انتظام ٿي چڪا آهن، ڪينٽ بورڊ چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ رينجرز، ايف سي، پوليس جي نفري مقرر هوندي، پوليس، ريجنرز، ايف سي جي موجودگي ۾ فوج جي ضرورت نه آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميسن تحريڪ انصاف کي فيصلي بابت لکت طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن پوليس، ايف سي، رينجرز اختيارين کي چونڊن ۾ نفري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔