سليم ماڊوي والا نيب تي مڇرجي پيو

اسلام آباد: سينيٽ جي اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا قومي احتساب بيورو (نيب) کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي اڱڻ مان نيب طرفان جوابدار جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي سليم مانڊوي والا چيو ته عدالت جوابدار جي گرفتار ڪرڻ تي نيب جي معافي رد ڪري ڇڏي. هن چيو ته نيب پاڻ کي اعليٰ عدالتن آڏو پابند نٿو سمجهي، نيب گردي جي شديد مذمت ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته نيب پاڻ کي قانون ۽ آئين کان مٿانهون ادارو سمجهڻ لڳو آهي، هاڻ بدنام زمانه نيب کي حدن ۾ آڻڻ جو وقت آهي، وفاقي وزير به نيب جي خلاف بيان ڏئي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔