گڏيل قومن ”افغانستان امداد ڪانفرنس“ سڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

نيويارڪ: گڏيل قومن افغانستان ۾ سياسي اڳڀرائي کي نظر ۾ رکندي امڪاني طور تي “انساني بحران“ کي منهن ڏيڻ لاءِ 13 سيپٽمبر تي جنيوا ۾ هڪ عالمي امداد ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته ايندڙ انساني تباهي کي روڪڻ ۾ ڪانفرنس مددگار ثابت ٿيندي. ڪانفرنس جو اعلان ڪندي هن چيو ته اسان کي عالمي برادري کي گڏ ٿيڻ ۽ ان جي حمايت ڪرڻ جي ضرورت آهي. سيڪريٽري جنرل چيو ته اسان ان ڳالهه جي به ايپل ڪيون ٿا ته مڪمل انساني همدردي تائين پهچ حاصل ڪئي وڃي ته جيئن ان کي حقيقي بڻائي سگھي ته افغانين کي سندن ضروري خدمتون ملنديون رهن. امدادي ايجنسين خبردار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي ڪنٽرول کان اڳ ئي ملڪ ۾ ڏڪار سبب لکين خاندان بک ۾ مبتلا آهن. ان ڏس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومون افغانستان جي ماڻهن سان يڪجهتي سان بيٺل آهي ۽ ان جي قيام ۽ (خوراڪ) جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔