آمريڪا وڌيڪ 66 لک فائزر ويڪسين خوراڪون پاڪستان کي عطيو ڏيندو

اسلام آباد: ايندڙ ڏهن ڏينهن دوران آمريڪا پاڪستان کي اضافي 66 لک فائزر ويڪسين فراهم ڪندو. آمريڪي سفارت خاني جي هڪ پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته اهو عطيو آمريڪي حڪومت طرفان پاڪستاني عوام کي عطيو ڪيون ويندڙ هڪ ڪروڙ 58 لک ڪورونا ويڪسينن مان آهي. 66 لک ويڪسينز جي اها قسط 50 ڪروڙ فائزر ڊوز جو حصو آهي جيڪو آمريڪا خريد ڪيو آهي ته جيئن پاڪستان سوڌو سڄي دنيا جي 92 ملڪن ۽ معيشن تائين پهچائي سگھجي. اهو قدم آمريڪي صدر جو بائيدن جي سڄي دنيا ۾ وبائي مرض جي خلاف عالمي جنگ ۾ محفوظ ۽ اثرائتي ويڪسين فراهم ڪرڻ جي واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔