نيپرا بجلي هڪ روپيو ستٽيهه پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو 37 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب چيئرمين نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي توصيف ايڇ فاروقي جي صدارت هيٺ نيپرا هيڊ ڪوارٽرز ۾ سينٽرل پاور پرچيز ايجنسي طرفان ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو 46 پئسا في يونٽ اضافي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران نيپرا چيئرمين چيو ته سمورن پاور پلانٽس کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پاور يونٽس جو شيڊول بند نه ڪيو وڃي. نيو ڪليئر پاور پلانٽس جي اختيارين به ان حوالي سان يقين ڏياري ڇڏيو آهي. ڳالهيون ته گهڻيون ٿيون پر ڪوبه خاص ڪم نه ٿي رهيو آهي اسان جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن. جيڪي پاور پلانٽس بند آهن انهن جي لاءِ به ايڊجسٽمنٽ گهري وئي آهي. بند پاور پلانٽ جي ايڊجسٽمينٽ مڃي نه ويندي. اوهان پهرين اسان کي مطمئن ڪريو ان کان پوءِ ان حوالي سان فيصلو ڪنداسين.نيپرا اختيارين ٻڌڻي دوران چيو ته بجلي فرنس آئل ۽ ڊيزل تي پيدا ڪئي وئي. پاور پلانٽ کي ايل اين جي گهٽ ڏني وئي. بهتر ڪارڪردگي وارا پاور پلانٽ نه هلايا ويا. اين پي سي سي ۽ سي سي پي اي جي اٿارٽي کي مطمئن ڪرڻو پوندو. ايل اين جي جون عالمي قيمتون وڌڻ سان 9.6 ارب روپين جو اضافي وزن پوندو. انگن اکرن موجب جولاءِ جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ 1.37 روپيه بڻجي ٿي. نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ واڌ بابت فيصلو محفوظ ڪندي چيو ته قيمتن ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو نيپرا اٿارٽي ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔