گاڏيءَ جي ڪامياب آزمائشي اڏام

جلد پنهنجي گاڏي کي روڊ تي ڊوڙائڻ بدران هوا ۾ اڏائڻ جو خواب پورو ٿيڻ وارو آهي.
هڪ ڪمپني پنهنجي پروٽوٽائيپ فلائنگ ڪار جي يورپي ملڪ سلواڪيا جي ٻن شهرن وچ ۾ ڪامياب آزمائشي اڏام مڪمل ڪئي آهي.
ڪين ويزن جي ايئر ڪار نالي اها گاڏي سلواڪيا جي راڄڌاني براٽيسلاوا ۽ نيترا وچ ۾ 35 منٽ تائين اڏام ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.
ايئر ڪار ۾ 160 هارس پاور جي بي ايم ڊبليو انجڻ موجود آهي جڏهن ته هڪ فڪسڊ پروپلر سان به ليس آهي.
ايئر ڪار 3 منٽن کان به گھٽ وقت ۾ جهاز مان زميني گاڏي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.
ڪمپني موجب ان پروٽوٽائپ گاڏي هن وقت تائين 40 کان وڌيڪ وقت جي آزمائشي اڏام مڪمل ڪري ورتي آهي.
اها گاڏي 8200 فٽ بلندي تائين اڏام ڪري چڪي آهي ۽ وڌ کان وڌ 118 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏام ڪري سگھي ٿي.
سلواڪيا ۾ اڏام کان پوءِ اها زمين تي پهچي گاڏي ۾ تبديل ٿي ۽ شهر جي مرڪز تائين سفر ڪري وئي.
ڪمپني جي سي اِي او اسٽيفن ڪلين ٻڌايو ته ايئر ڪار هاڻ رڳو ڪو ڪانسيپٽ نه پر سائنس فڪشن حقيقت ۾ تبديل ٿي چڪي آهي.
ڪمپني طرفان ايئر ڪار پروٽوٽائپ 2 تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ 300 هارس پاور انجڻ هوندي جڏهن ته 186 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان 621 ميل تائين سفر ڪري سگندي.
ڪمپني طرفان ايئر ڪار جي 3 ۽ 4 سيٽن واري ماڊل جي تياري جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.
مختلف ڪمپنين طرفان اڏامندڙ گاڏينجي تياري تي ڪم ڪيو پيو وڃي پر هاڻ ڪانسيپٽ يا پروٽوٽائيپ کان اڳتي ناهن وڌي سگھيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔