عدالتي احاطي مان گرفتاري: سپريم ڪورٽ طرفان نيب عملدارن جي معافي رد

اسلام آباد: عدالتي دروازي آڏو ظلم ٿيندو ته پوءِ ڪير عدالت ايندو؟، سپريم ڪورٽ عدالتي احاطي مان جوابدار جي گرفتاري واري مامري تي نيب عملدارن جي معافي رد ڪري ڇڏي، ڊي جي نيب راولپنڊي پيش ٿي ٻيهر غير مشروط معافي گهرندي چيو ته اِهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي، غلطي سمجهي معاف ڪيو وڃي: وقتي چيف جسٽس چيو ته معافي قبول ناهي، نيب عملدارن عدالت جي توهين ڪئي آهي، نيب چيئرمين ڀلي پنهنجي ڪارروائي ڪري پر عدالت حڪم جاري ڪندي، لطيف کوسا چيو ته نيب اهلڪارن سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو، جنهن تي وقتي چيف جسٽس چيو ته کوسا صاحب! عدالت تي حملو نه چئو، توهين ضرور ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔