ڪجھ ماڻھو اسلام جي نالي تي عورتن جا حق کسڻ گھرن ٿا: بلاول ڀٽو

گھوٽڪي (ن پ ا) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ بي آءِ ايس پي تي طعنا ڏيندڙ نواز شريف ۽ عمران خان پروگرام کي پنهنجا نالا ڏئي ڇڏيا، ڪارڊز جون تصويرون ڀلي تبديل ڪريو، حقيقت ۾ اهو نظريو پيپلز پارٽي جو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گهوٽڪي ۾ جلسي کي خطاب دوران پي ٽي آءِ ۽ ٻين اپوزيشن پارٽيز تي تنقيد ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مذاق اڏائيندڙ نواز شريف بي آءِ ايس پي ڪارڊ تي پنهنجي تصوير لڳائي ڇڏي هئي، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪوبه نئون ڪم ناهي ڪيو. رڳو پيپلز پارٽي ڪاپي ڪئي اٿن، ڪجهه ماڻهو اسلام جي نالي تي عورتن جا حق کسڻ گهرن ٿا، اسلام جي نالي تي عورتن جا حق کسڻ غلط آهي، هڪ عورت ويڙهه ۽ ڪاروبار ڪري سگهي ٿي ته وزيراعظم به ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔