دپيڪا پڊوڪون جي 4 سالن کان پوءِ هالي ووڊ ۾ واپسي

ممبئي : اداڪارا دپيڪا پڊوڪون تقريبن ساڍن 4 سالن پوءِ ٻيهر هالي ووڊ ۾ واپسي ڪري رهي آهي.
اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ساڍن 4 سالن کانپوءِ پنهنجي ٻين هالي ووڊ پراجيڪٽ جو اعلان ڪيو آهي.
ان کان اڳ اداڪارا 2017ع ۾ هالي ووڊ اسٽار ون ڊيزل سان گڏ فلم ”فلم ٽرپل ايڪس“ رٽرن آف زينڊر ڪيج“ ۾ ڪم ڪيو هو.
پر ان کان پوءِ اداڪارا ڪنهن به هالي ووڊ پراجيڪٽ ۾ نظر نه آئي هئي، گھڻي عرصي کانپوءِ دپيڪا پنهنجي ٻين هالي ووڊ فلم سائن ڪئي آهي جيڪا هڪ رومينٽڪ ڪاميڊي فلم آهي (فلم جو نالو منظر عام تي ناهي آيو). اها فلم آمريڪي ميڊيا ڪمپني ايس ٽي ايڪس گلوبل ڪارپوريشن تحت تيار ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔