مانچسٽر يونائيٽيڊ لاءِ دل ۾ هڪ خاص جاءِ آهي: رونالڊو

سپر اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو فٽبال ڪلب يووينٽوس ٽيورين ڇڏي ٻيهر برطانوي فٽبال ڪلب مانچسٽر يونائيٽيڊ جوائن ڪري ورتو آهي.
36 ورهين جي پرتگالي فٽبالر اڱاري ڏينهن اڳوڻي ڪلب ۾ واپسي جي موقعي تي چيو ته منهنجي دل ۾ مانچسٽر يونائيٽيڊ لاءِ هڪ خاص جاءِ آهي.
5 ڀيرا گولڊن بال جو اعزاز ماڻيندڙ ڪرسٽيانو رونالڊو جي ٿيندڙ ان معاهدي جي ٽرانسفر فيس شروعاتي طور 15 ملين يورو ٻڌائي وئي آهي، جيڪا 30 ملين يورو تائين به پهچي سگهي ٿي.
رونالڊو 2003 کان 2009 تائين مانچسٽر يونائيٽيڊ لاءِ 6 ورهين ۾ 292 ميچون کيڏيون ۽ 118 گول ڪيا هئا، ائين هو ڪلب جو ليجنڊ رانديگر سمجهيو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔