طالبان جي افعانستان حڪومت ۾ اچڻ جا ڪشمير تي پوندڙ اثر، ڀارت پريشان

افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ ڀارت پريشان ٿي ويو.
طالبان جي ڪاميابي جتي ڀارت جي دهشتگرد منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي اتي ئي والاريل ڪشمير ۾ به غير معمولي حالتون آهن.
ڀارت جي ڳجهين ايجنسين جو خيال آهي ته جهادي قوتن جي افغانستان ۾ ڪاميابي کان پوءِ والاريل ڪشمير جي عليحدگي پسند هٿياربند گروهن جو حوصلو بلند ٿيو آهي،هنن 6 وڏن هدفن کي نشاني تي رکيو آهي.
هڪ ڳجهي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گھٽ ۾ گھٽ 25 کان 30 نوان عليحدگي پسند گذريل مهيني کان سرگرم آهن، ان دوران مقامي پوليس ۽ فوجين تي ٿيندڙ حملن ۾ به واڌ ٿي آهي. اهو انگ انهن هٿياربند عليحدگي پسند ويڙهاڪن کان ڌار آهي جيڪي اڳ ئي والاريل ڪشمير ۾ موجود آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪابل تي طالبان جي قبضي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي مبارڪ ڏيڻ جا پيغام پوسٽ ڪيا پيا وڃن. ان سان گڏ گذريل مهيني ۾ ڪشمير ۾ گھٽ ۾ گھٽ 60 نوجوان گھر مان گم آهن، جن بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته هو عليحدگي پسند ويڙهاڪ گروپن ۾ شامل ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔