واٽس ايپ جو ڪروڙين موبائل فونز لاءِ سپورٽ ختم ڪرڻ جو اعلان

واٽس ايپ 2020ع جي آخر تي ڪروڙين اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس فونز لاءِ سپورٽ ختم ڪري ڇڏي هئي.
ان موقعي تي ٻڌايو ويو هو ته آءِ او ايس 9 کان اڳ جي آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندڙ آءِ فونز لاءِ واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪئي پئي وڃي.
جيتري تائين اينڊرائيڊ فونز جي ڳالهه آهي ته اينڊرائيڊ 1.0.3 کان اڳ جي فونز ۾ واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪئي وئي آهي.
هاڻ ڪمپني پهرين نومبر کان پراڻن آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽمز تي ڪم ڪندڙ وڌيڪ فونز لاءِ سپورٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هاڻ واٽس ايپ پنهنجي ايف اي ڪيو پيج ۾ ٻڌايو آهي ته آءِ او ايس 9 تي ڪم ڪندڙ آءِ فونز لاءِ دنيا جي مشهور ترين ميسيجنگ ايپ جي سپورٽ ختم ڪئي پئي وڃي.
يعني واهپيدارن کي آءِ او ايس فونز تي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ 10 يا ان کان اڳتي جي آپريٽنگ سسٽمز جي ضرورت هوندي.
آءِ فون ايس اي، آءِ فون 5،5 ۽ 5 سي، 6 ايس ۽ 6 ايس پلس ۾ هن وقت تائين آءِ او ايس 9 آپريٽنگ سسٽم آهي، انهن کي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ آپريٽنگ سسٽم کي آءِ او ايس 10 يا ان کان پوءِ جي ورجنز تي اپ ڊيٽ ڪرڻو پوندو.
اهڙيءَ طرح اينڊرائيڊ 4.0.4 يا ان اڳ جي آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندڙ فونز به پهرين نومبر کان واٽس ايپ سپورٽ کان محروم ٿي ويندا.
واهپيدارن کي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ اينڊرائيڊ 4.1 يا ان کان اڳتي جي آپريٽنگ سسٽم تي هلندڙ فونز جي ضرورت هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔