اشارن تي ڪرتب ڏيکاريندڙ چئن پيرن وارو روبوٽ

نيويارڪ: بوسٽن ڊائنامڪس جا اٽلس روبوٽ گھڻا مهانگا آهن ۽ هاڻ هڪ ننڍو چئن پيرن وارو روبوٽ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو مصنوعي ذهانت مان سکي ٿو ۽ آواز جي اشاري تي حرڪت ڪري ٿو.
ٻار ان ٽيڪنالوجي ۽ سائنس مان سبق سکي سگھن ٿا ته وڏا ان کي ڏسي مزو وٺي سگھن ٿا. روبوٽ ڏسڻ ۾ جهڙو نظر اچي ٿو پر اهو ان کان وڌيڪ آهي. جيڪو آواز ٻڌي حڪم مڃي ٿو .
ان جو پورو نالو ايڪس گو مني آهي جيڪو اوهان جي ميز تي آرام سان ويهي رهي ٿو.
ان کي هموار رکڻ لاءِ ايم يو پوسچر ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ان جو سمورو پروگرام اوپن سورس آهي. جيڪڏهن اوهان کي پروگرامنت ايندي آهي ته اوهان ان روبوٽ کي وڌيڪ ڪرتب سيکاري سگھو ٿا.
اي آءِ جي مختلف ماڊلز سبب اهو آواز ۽ ڏسڻ سان اشارن کي سمجهي سگھي ٿو. اهو رنگن کي سڃاڻي ٿو ۽ ڪيو آڙ ڪوڊز کي به ڄاڻي ٿو.
ان روبوٽ ۾ چهري جي سڃاڻپ، آڱرين جي حرڪت جو مطلب سمجهڻ، رنگن کي سڃاڻن ، تصويرون سڃاڻڻ ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي صلاحيتون شامل آهن.
روبوٽ جي دل ۽ دماغ ڪينڊرائٽ جي 210 چپ سان ليس آيه جنهن کي خاص طور تي ڊزائين ڪيو ويو آهي.
ايڪس گو کي سمارٽ فون ايپ سان ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو ۽ ٻار ان کي ڏسي خوش ٿين ٿا. ايڪس گو ڪرتب ۽ راند ۾ ٻارن کي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جا ڪيترائي اهم اصول سيکاري سگھي ٿو. روبوٽ ٻن ماڊلز ۾ دستياب آهي جن مان هڪ گولائٽ جي قيمت 199 ڊالر ۽ ايڪس گو مني جي 549 ڊالر رکي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔