آمريڪي جنگي جهاز ۽ هيلي ڪاپٽرز طالبان جي تفريح جو سامان بڻجي ويا

آمريڪا 20 سالن جي ڊگھي جنگ کان پوءِ ناڪام ٿي افغانستان مان واپس هليو ويو پر پوئتي ڪيترائي جنگي جهاز، هيلي ڪاپٽر ۽ هٿيار ناڪارا بڻائي ڇڏي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي ڪمانڊر جنرل ڪينٿ ميڪنزي ٻڌايو ته افغانستان ۾ 73 جهاز، هيلي ڪاپٽر ۽ 70 هٿيارن سان ليس گاڏيون ڇڏي آيا آهيون پر انهن کي ناڪارا بڻايو ويو آهي ته جيئن ڪنهن جي استعمال ۾ نه اچي سگھن.
جيئن ئي آمريڪا جي آخري اڏام ڪابل ڇڏيو ته طالبان جي اسپيشل فورس ”بدري313“ اندر داخل ٿي سرچ آپريش ڪيو ۽ ايئرپورٽ جي ڪليئرنس ڏني جنهن کان پوءِ طالبان ترجمان پنهنجي ٽيم سان گڏ دورو ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ميڊيا سان ڳالهائڻ کان پوءِ طالبان اڳواڻ آمريڪي فوج پاران ڇڏيل جهازن ۽ هيلي ڪاپٽرن سان گڏ تصويرون ڪڍرايون جڏهن ته جهازن ۽ هيلي ڪاپٽرن سان شغل ۾ مصروف رهيو.
ڪو ويڙهاڪ هيلي ڪاپٽر تي چڙهي ويٺو ته ڪنهن جهاز ۾ پائليٽ جي سيٽ سنڀالي ورتي ۽ اڏام ڀرڻ جي اداڪاري ڪري مزو وٺندا رهيا.
ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ ڊگھي ۽ ٿڪائيندڙ جنگ کان پوءِ طالبان پنهنجي ڪاميابي جي لمحن مان مزو وٺي رهيا آهن.
طالبان ڪاميابي جي خوشي ۾ هوائي فائرنگ ڪئي ۽ آمريڪي جهاز تي امارت اسلامي جو جنڊو ڦڙڪا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔