نيوزيلينڊ جي ٽيم کي پاڪستان دوري جي اجازت ملي وئي

ويلنگٽن: نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري لاءِ ٽيم موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪيوي ميڊيا جي رپورٽن موجب نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پنهنجي سيڪيورٽي ماهر جي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪپتان ٽام ليٿم ڍاڪا مان زوم تي بيان ۾ چيو ته اسان کي رگ ڊيڪاسن جي رپورٽ تي يقين آهي.
ڪيوي قائد جو چوڻ هو ته رگ ڊيڪاسن نيوزيلينڊ لاءِ وڏي عرصي کان ڪم ڪري رهيو آهي، ان جي پيش ڪيل رپورٽ تي اطمينان آهي.
نيوزيلينڊ جي ميڊيا موجب بورڊ ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ٽام ليٿم کي به پاڪستان جي دوري جي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم 11 سيپٽمبر تي اسلام آباد پهچندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچون 17، 19 ۽ 21 سيپٽمبر تي کيڏيون وينديون، جڏهن ته 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون 25، 26، 29 سيپٽمبر، پهرين ۽ ٽين آڪٽوبر تي کيڏيون وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔