افغانستان ۾ امن تباهه ڪندڙن جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته طالبان سمجهي چڪا آهن ته هو پرڏيهي حمايت کان سواءِ نٿا هلي سگهن ۽ دنيا کي افغانستان ۾ امن تباهه ڪندڙن جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي. رپورٽ موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته افغانستان جي مسئلي تي جرمن پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن. دوري سان افغانستان جي حقيقي صورتحال کي ويجهي کان سمجهڻ جو موقعو ملندو. افغانستاني ۾ انساني حقن جو خيال رکڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته اشرف غني جي حڪومت افغانستان ۾ سڀ صحيح آهي جي تصوير پيش ڪري رهي هئي. حقيقت اها آهي ته هو غلط بياني ۽ ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو. اهوئي سبب آهي ته هو فوري طور تي سنڀلجي نه سگهيا ۽ ڪري پيا. شاهه محمود قريشي چيو ته جڏهن طالبان ڪابل ۾ داخل ٿيا ته کين ڪنهن به مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پيو. طالبان اڳواڻن جا تازا بيان مثبت ۽ حوصلو ڏيندڙ آهن. جلد طالبان پنهنجي خواهشن جو اعلان ڪندا. عالمي برادري زميني حقيقتن جو اندازو ڪري مستقبل جي رستي جي چونڊ ڪري. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان سان لاڳيتو رابطو ۽ انگيجمينٽ تي زور ڏئي ٿو. طالبان تي اعتماد ان جي بيانن جي حقيقي نفاذ سان ظاهر ٿيندا. کين انساني حقن جو احترام ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف جرمن پرڏيهي وزير باهيڪو ماس گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ چيو ته پاڪ جرمن لاڳاپن جي سترهين سالگره ۽ افغانستان جي صورتحال تي اسان هتي موجود آهيون. اسان واپسي جي حوالي سان گذريل ڏينهن دوران ڪيتريون ئي عالمي ڪوششون ڏٺيون آهن. پاڪستان ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي لاءِ اسان ٿورائتا آهيون. پاڪستان افغانستان جو پاڙيسري هجڻ جي ناتي اثر ڏسي رهيو آهي. اسان افغانستان جي حوالي سان 500 ملين جو واعدو ڪيو آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير چيو ته گذريل هفتي کان هينئر تائين اسان پاڪستان سان جرمن شهرين جي واپسي تي رابطي ۾ آهيون. اسان کي خبر آهي ته هن وقت به افغانستان ۾ جرمني جا شهري موجود آهن اسان انهن جي واپسي جي لاءِ پاڪستان سان رابطا جاري رکنداسين. جرمني جي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته طالبان طرفان ڪيل واعدن جو ايندڙ ڏينهن ۾ خبر پوندي. ڪجهه ڏينهن ۾ طالبان پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪندا. سموري افغان عوام طالبان جي حڪومت جي حمايت نٿي ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔