سنڌ ۾ برساتون، پي ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ ۾ امڪاني برساتن کي ڏسندي پي ڊي ايم اي سنڌ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته موسميات کاتي 31 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، بدين، ميرپورخاص، سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، دادو، شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته ان دوران ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ نواب شاهه ۾ کنوڻ سان گڏ هلڪي، وچين درجي سميت تيز برساتون پوڻ جو به امڪان آهي. ان حوالي سان پي ڊي ايم اي سنڌ صوبي جي سڀني ضلعن ۾ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته امڪاني برساتن سبب حفاظتي قدم کنيا وڃن، بل بورڊز ۽ هورڊنگ کي فوري طور هٽايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔