ڪراچي ۾ منشيات جي 363 اڏن جي نشاندهي، 100 کان وڌيڪ اهلڪار منشيات فروشن جي سرپرستي ۾ ملوث نڪتا

ڪراچي: ڪراچي ۾ منشيات جي 363 اڏن جي نشاندهي جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته 100 کان وڌيڪ اهلڪار منشيات فروشن جي سرپرستي ۾ ملوث نڪتا آهن. اهڙي انٽيليجنس رپورٽ آءِ جي سنڌ ڏانهن اماڻي وئي آهي جنهن تي جلد ڪارروائي جا امڪان آهن. رپورٽ ۾ منشيات فروشن ۽ سپرستي ڪندڙ اهلڪارن جا نالا به ڏنا ويا. فهرست ۾ سپاهين، جمعدارن ۽ اي ايس آئيز جا نالا به شامل آهن. رپورٽ موجب ڪراچي ڏکڻ ضلعي ۾ حشيش، آئس، هيروئن سميت منِشيات جا 28 اڏا آهن، سٽي ضلعي ۾ منشيات جا 40 اڏا آهن، ڪورنگي ضلعي ۾ منشيات جا 15 اڏا آهن، اوڀر ضلعي ۾ 20، ملير ۾ 4، اولهه ضلعي ۾ 86، سينٽرل ضلعي ۾ 169 منِشيات جا اڏا آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته رپورٽ اسپيشل برانچ تيار ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔