ڪورونا وبا وڌيڪ 95 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 4 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 95 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ اپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي  سڃاڻپ جي لاءِ 62 هزار 496 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 4016 مريضن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 95 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون ٿيون آهن. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 6.42 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 75 لک 20 هزار 285 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.  هينئر تائين  10 لک 26 هزار 82 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 5 هزار 515 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران پنجانوي مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 25 هزار 415 ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ 11 هزار 706، سنڌ ۾ 6 هزار 766، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 884، اسلام آباد ۾ 860، بلوچستان ۾ 338، گلگت بلتستان ۾ 172 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 689 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔