وئڪسين نه ڪرائيندڙن کي پئٽرول نه ملندو: موٽروي تي سفر به نه ڪري سگهندا

لاهور :لاهور ۾ پهرين سيپٽمبر کان ڪورونا وئڪسينيشن نه ڪرائڻ وارن ماڻهن کي پئٽرول نه ڏنو ويندو، ذريعن موجب ڪورونا وئڪسين نه ڪرائيندڙن لاءِ نيون پابنديون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، لاهور ۾ ضلعي انتظاميا پيٽرول پمپس تي بئنرز به لڳرائي ڇڏيا.

پئٽرول پمپس تي لڳايل بئنرز ۾ لکيو ويو آهي ته پهرين سيپمبر 2021کان ڪورونا وئڪسين نه لڳرائيندڙن کي پئٽرول به نه ملندو، پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول رڳو ڪورونا وئڪسينيشن ڪرائيندڙن کي ڏنو ويندو، ٻئي طرفان موٽروي پوليس به موٽرويز ۽ هاءِ ويز تي ڪورونا وئڪسينيشن سرٽيفڪيٽ کانسواءِ سفر ڪرڻ تي پابندي جو فيصلو ڪيو آهي، موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته 15سيپٽمبر کانپوءِ شهري وئڪسينيشن سرٽيفڪيٽ کانسواءِ سفر نه ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔