ڪراچي: ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ فيڪٽري کي باھ، فوتين جو انگ 9 ٿي ويو

ڪراچي : ڪراچي ۾ ڪيميڪل فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطو نه آيو، سڙي فوت ٿيلن جو  انگ 9 ٿي ويو، 20 کان وڌيڪ پورهيت عمارت ۾ ڦاٿل آھن، امدادي ڪاررواين دوران 2 رضاڪار به سڙي زخمي ٿي پيا، انتظاميا موجب ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ واقع ڪيميڪل فيڪٽري کي باهه لڳي، عمارت جا ڪجهه حصا ڪرڻ سبب پورهيتن جي دٻجي وڃڻ جو خدشو آھي. فائر برگيڊ جو عملو باهه وسائڻ ۾ رڌل آھي، فوت ٿيلن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔