سنڌ ڪابينا مئريج ريزِسِٽَنٽ ايڪٽ ۽ اُن جا رولز چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽيءَ ۾ ضَم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا مئريج ريزِسِٽَنٽ ايڪٽ ۽ اُن جا رولز چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽيءَ ۾ ضَم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، چائِلڊ پُروٽيڪشن اٿارٽي اڳ ئي سماجي ڀلائي کاتي جو حصو بڻيل، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس دوران صوبي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ ٽرانسفارمرز سڙي وڃڻ وارن واقعن بابت بريفنگ ڏني وئي.

صوبائي وزير امتياز شيخ بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ اڪثر ٽرانسفارمز سڙي ويندا آهن، ڏينهن جا ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ٽرانسفارمرز جي مرمت ناهي ٿيندي، جنهن سبب ماڻهو عذاب جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن، وڏي وزير طرفان واپڊا سوڌو لاڳاپيل ادارن اڳيان ٽرانسفارمرز سڙڻ ۽ لوڊشيڊنگ جا مامرا اٿارڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔