وڏي وزير جي هيليڪاپٽر جو سال ۾ 2 ڪروڙ52 لک رپين کان وڌيڪ پيٽرول جو خرچ

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جا گذريل مالي سال 2019_20ع ۾ شاهي خرچ، وڏي وزير جي هيليڪاپٽر جو هڪ سال ۾ 2 ڪروڙ 52 لک رپين کان وڌيڪ پيٽرول جو خرچ ظاهرڪيو ويو آهي، هڪ کاتي جي ڪامورن روزمره جي مختلف خرچن جي مد ۾ مجموعي طور تي 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪري ڇڏي، سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ عملدرآمد واري کاتي جي ڪامورن پاران سرڪاري گاڏين ۾ هڪ سال اندر 78 لک رپين جو پيٽرول استعمال ڪيو ويو، وفاق کان فنڊ نه ملڻ جون شڪايتون ڪندڙ سنڌ حڪومت جي رڳو هڪ کاتي ۾ ڪامورن پاران کليل خرچ ڪيو ويو، ڪامورن جي پرڏيهه ٽريننگ جي مد ۾ 6 ڪروڙ 25 لک رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي وئي،: ڪامورن کي پئٽرول جي مد ۾ هڪ سال دوران 78 لک 93 هزار رپين جي ادائگي ظاهر ڪئي وئي آهي، 22 لک 52 هزار رپين جو سال ۾ فرنيچر خريد، ڪامورن جي ٽريننگ ڪورس جي مد ۾ 95 لک رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪري ڇڏي، رڳو اسٽيشنري به 68 لک 29 هزار 84 رپين جي استعمال ڏيکاري وئي، او پي ايس تي پابندي باوجود کاتي ۾ سينيئر پوسٽ الائونس تي 2 لک 55 هزار رپيا ۽ ڊيپوٽيشن تي پابندي باوجود ڊيپوٽيشن الائونس جي مد ۾ هڪ لک 30 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔