سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرر ٿيڻ کان معذرت

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرر ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، چيف جسٽس احمد علي شيخ طرفان ججز مقرري بابت اُماڻيل خط عدالتي ڪميشن کي ملي ويو، ذريعن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ مستقل جج ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، ايڊهاڪ جج طور مقرر نه ٿيندس، سپريم ڪورٽ ۾ ججز مقرري بابت عدالتي ڪميشن جو اجلاس سڀاڻي طلب ٿيل آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔