ڊيرھ اسماعيل خان ۾ فائرنگ: 3 ڪسٽم اھلڪار مارجي ويا

ڊيرھ اسماعيل خان: موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڪسٽم اھلڪار مارجي ويا ۽ ھڪ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب ڪسٽم اھلڪار بلوچستان کان خيبرپختونواھ مان ايندڙ ٽريفڪ جي چيڪنگ جي لاءِ درابن روڊ ڪلاچي موڙ تي موجود ھئا تھ انھيءَ دوران 2 موٽرسائيڪلن تي سوار 4 ھٿيار اڻڄاتل ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني. فارئنگ جي نتيجي ۾ ڪسٽم اھلڪار تاج بصير ۽ فاروق خان موقع تي مارجي ويا جڏھن تھ فاروق جان اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نھ سھندي فوت ٿي ويو، ھڪ اھلڪار زخمي آھي. دھشتگرد وارت کانپوءِ فرار ٿي ويا، پوليس جي ڳري نفري واقع واري بند تي پھچي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔