نيب پاران سکر ۽ شڪارپور جي اڳوڻن ڪامورن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري

سکر: نيب اسلام آباد سکر ۽ شڪارپور جي اڳوڻي ڊي سي رحيم بخش ميتلو ۽ سيڪشن آفيسر رياض ميتلو جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ليٽر اماڻي ڇڏيو، نيب ذريعن موجب اڳوڻي ڊي سي سکر ۽ شڪارپور رحيم بخش ميتلو، سندس ڀاءُ جو نالو اي سي ۾ داخل ڪرڻ جي نيب درخواست اماڻي آھي، نيب سکر سال 2017ع کان 2020 تائين سکر ۽ شڪارپور ۾ ڊي سي رھندڙ رحيم بخش ميتلو خلاف انڪوائري جاري آھي، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري معامري جي نيب رحيم بخش ميتلو خلاف انڪوائري شروع ڪئي، نيب ذريعن موجب ڊي سي مٿان ڪرپشن ڪري غيرقانوني اثاثا ٺاھڻ جو الزام آھي، نيب ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي به 18 ھين گريڊ جي آفيسر رحيم بخش ميتلو ۽ سندس خاندان جي اثاثن جا تفصيل به گھريا ھئا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔