مڙس پاران اسمارٽ فون نه وٺي ڏيڻ تي زال پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

نئين دهلي : مڙس پاران اسمارٽ فون نه وٺي ڏيڻ تي زال پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ 29 ورهين جي جيوني جو جسم 90 سيڪڙو سڙي ويو جنهن سبب حياتي وڃائي ويٺي. چيو پيو وڃي ته جيوني ٻارڙن کي آن لائن ڪلاس ڏيارائڻ لاءِ مڙس کي اسمارٽ فون وٺي ڏيڻ جي فرمائش ڪئي پرمڙس سمارٽ فون لاءِ گهربل رقم نه هئڻ جو سبب ڄاڻائي کيس وٺي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عورت مڙس کان ناراض ٿي سندس غيرموجودگي ۾ پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ سخت زخمي ٿي پئي، اطلاع ملڻ تي مڙس پهچي کيس ڀرواري اسپتال پهچايو پر سندس جسم 90 سيڪڙو سڙي چڪو هو، ڊاڪٽر عورت کي بچائي نه سگهيا، سندن چوڻ هو ته اهڙي صورت ۾ سڙي ويلن جو بچڻ ممڪن نه هوندو آهي. ٻئي طرف جيوني جي مڙس ميڊيا کي ٻڌايو ته جيوني سان 7 سال اڳ شادي ٿي ۽ ان مان 2 ٻار به آهن، مڙس چيو ته زال مون کي اسمارٽ فون وٺي ڏيڻ لاءِ زور ڀري رهي هئي پر غربت سبب آئون سندس فرمائش پوري نه ڪري سگهيس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔