پيسي جي بک ناهي جو فلمن جو حصو بڻجڻ لاءِ هر ناجائز ڳالهه مڃان: نرگس فخري

ممبئي : ڀارتي اداڪارا نرگس فخري انڪشاف ڪيو آهي ته هن کي ڊائريڪٽرز جون نامناسب ڳالهيون نه مڃڻ تي ڪيترين ئي فلمن تان هٿ کڻڻو پيو.
ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪارا نرگس فخري چيو ته آئون هڪڙيون حدون مقرر ڪيون آهن، مون کي شهرت، پيسي جي بک نه آهي جو فلمن جو حصو بڻجڻ لاءِ هر ناجائز ڳالهه مڃان.
هن چيو ته ڊائريڪٽرز ۽ پروڊيوسرز جي نامناسب روين جو ڏک ٿيندو هو پر آئون اهڙن روين کي دل ۾ نه ڪندي هيس.
سندس چوڻ هو ته بالي ووڊ جو حصو بڻجڻ جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو ته هتي فحش ۽ نامناسب سين رڪارڊ ناهن ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔